لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان ??وقعي تي پنجاب جي چيف سيڪريٽري جو??د رفيق ملڪ وزيراعظم کي منصوبي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب بريفنگ دو??ان وزيراعظم عم??ان خان ??نصوبي تي عملدرآمد دو??ان ماحولياتي تحفظ ۽ واٽر ڪنزرويشن جي لاءِ سختي سان عملدرآمد جي خاص تاڪيد ڪئي. وزيراعظم چيو ته هي منصوبو پنجاب جي معيشت ۽ لاهور شهر جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ مشڪل معاشي صورتحال ۾ هن منصوبي سان ??اڻهن کي نوڪريون ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته راوي ريور فرنٽ پراجيڪٽ سان ??اهور جي رهواسين جي لاءِ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم عم??ان خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ??ر رڪاوٽ ترجيحي بنيادن تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن هدايت ڪئي ته پراجيڪٽ جي مڪمل ٿيڻ دو??ان ماحولياتي نظام تي منفي اثر نه پون ۽ واٽر ڪنزرويشن جو پڻ خاص خيال رکيو وڃي.