اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان تعليم و??ري وفاقي وزير شفقت محمود ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. ملاقات ۾ ملڪ ۾ تعليم جي فروغ خاص طور تي آن لائن تعليم، شاگردن کي ديني تعليم ۽ سائنسي علم طرف راغب ڪرڻ ?? جديد تعليم جي حوالي سان بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم عمران خا?? ا?? ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوا?? شاگردن کي سيرت النبي صه ۽ پاڻ صه جي حيات طيبه جي روشن رخن، صحابه ڪرام رضه ۽ اسلامي تاريخ جي روشن ب??ب کان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن.