اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالم سڳورن ۽ عوام جي تعاون ک?? ساراهيندي چيو آهي ته لاڪ ڊائون جا مثبت اثر پئجي رهيا آهن ۽ ڪورونا وائرس جي مر??ضن جي انگ وڌڻ جا جيڪي اندازا لڳايا ويا هئا ان کان انگ تمام گهٽ آهي، مقدس مهينو رمضان اچي رهيو آهي، مقدس مهيني ۾ به سماجي فاصلي کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ڏينهن جي ??ور?? تي گلگت بلتستان پهتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گلگت ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي سلسلي ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي گلگت بلتستان حڪومت ۽ انتظاميا کي ڪورونا وائرس جي خلاف قدمن تي مبارڪباد پيش ڪئي ته حڪومت ۽ انتظاميا جي محنت جو نتيجو آهي جو گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جي 216 مر??ضن مان 67 مر??ض رهجي ويا آهن باقي سمورا صحتياب ٿي چڪا آهن.