اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??فا??ي گ??دي واري شهر ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري جي حوصلا افزائي ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد هر لحاظ کان هڪ ماڊل سٽي هجڻ گهرجي، ڪمزور طبقي جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ وڏن ڏوهاري پيشي عنصرن ۽ مافيا جي خلاف وڌيڪ گهيرو تنگ ڪيو وڃي، سي ڊي اي ۾ سڌارن جو بني??دي مقصد عوام کي بهترين شهري سهولتن جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي ۽ اقتص??دي عمل ۾ نمايان اضافو هجڻ گهرجي ته جيئن روزگار جا موقعا فراهم ٿين ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??فا??ي گ??دي واري شهر اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال، ترقياتي معاملن ۽ شهرين کي بهترين شهري سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.