اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب رواني ??ي وئي آهي، هو جده ۾ او آءِ سي قائم ٿيڻ جي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ پاڪس??ان جي نمائندگي ڪندي. اطلاعات واري خصوصي معاون او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ سعودي پرڏيهي وزير جي دعوت تي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ شرڪت ڪندي. باني ??يمبر جي حيثيت سان پاڪس??ان او آءِ سي ۾ سدائين فعال ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو آهي.