نانجنگ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڪالهه سومر ڏينهن چين جي ??هر نانجنگ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??هتمام هيٺ ٽيليويزن فيسٽيول 2023ع ۾ شرڪت ڪئي. فيسٽيول جي موقعي تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير سان چين جي نيشنل ريڊيو ۽ ٽيليويزن واري وزير ثائو شومي ملاقات ڪئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ٽيليويزن فيسٽيول منعقد ڪرڻ تي چيني وزير جا ??ورا مڃيا. ٻنهي وزيرن ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي ??نعت ۾ تعاون کي فروغ ڏي?? جي ??زم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميديا ٽيڪنالاجي ??ي جدت ۽ صحافين جي مٽاسٽا کي فروغ ڏي?? جو پڻ ورجاءُ ڪيو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پي ٽي وي تي Chinese Hour شروع ڪرڻ جي ??جويز ??ني ۽ چيني ميڊيا جي پاڪستان ۾ سرگرمين کي فروغ ڏي?? ت?? زور ڏنو.