اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته مع??شي ترقي جو سفر مسلسل ڪاميابي سان پنهنجي اڳئين منزل طرف جاري آهي ۽ انشاءُ الله اسان جو آئنده هدف ترقي جي سفر کي وڌيڪ تيز ڪرڻ آهي جنهن جي لاءِ بجيٽ ۾ ٺوس تجويزون رکيون ويون، بجيٽ ۾ مدد ڪندڙ سمورن ادارن ۽ کاتن جو ٿورائتو آهيان، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ کانسواءِ جن ادارن جي ملازمن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس جي ڪوريج ڪئي آهي انهن جي لاءِ موجوده بجيٽ اضافو شامل ڪندي 4 بنيادي پگهارون ڏيڻ جو اعلان ڪريان ٿو، اسپيڪر ۽ سيني?? چيئرمين ان جي لاءِ صحيح فهرستون جوڙي موڪليندا. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي جي بجيٽ جي منظوري کانپوءِ ٿورن جو اظهار ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي سفر جو جيڪو تسلسل آهي جيڪو چار سال پهرين شروع ڪيو اهو ڪاميابي سان جاري آهي ۽ اهو وزيراعظم محمد نواز شريف جي فهم ۽ فراست جو عڪاس آهي، اسان پاڪستان کي الله جي فضل سان مع??شي استحڪام ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون.