اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين بلوچستان ۾ زلزلي سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اطهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته بلوچستان ۾ زلزلي سبب جاني ۽ مالي نقصان تي سڄي قوم ڏکويل آهي، حڪومت زلزلي متاثرين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن لاڳاپيل عملدارن کي زلزلي متاثرين جي هر ممڪن مدد ?? زخمين جي بهتر??ن علاج جي هدايت ڪئي، اطلاعات واري وفاقي وزير زلزلي ۾فوت ٿيندڙن جي پوئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ?? زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪ??ي.