اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ ڪوويڊ 19 جي ويڪسين جي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو، اسرندڙ ملڪن کي قرضن ۾ سهولت جي قدمن جي ضرورت آهي، غريب ملڪن مان امير ملڪن کي رقم جي غيرقانوني م??تق??ي کي روڪڻو پوندو، مني لانڊرنگ جي نتيجي ۾ غريب ملڪن ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو ۽ غربت تي ضابطو آڻڻ جا هدف حاصل ڪرڻ مشڪل آهي، ان حوالي سان آگھاهي پيدا ڪري اسرندڙ ملڪن سان ٿيندڙ ناانصافي کي روڪيو وڃي. وزيراعظ?? عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار 15 هين يونائيٽيڊ نيشنز ڪانفرنس آن ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ (يو اين سي ٽي اي ڊي) جي ورلڊ ليڊرز جي ٽئين مذاڪري کي ورچوئل خطاب دوران ڪيو. وزيراعظ?? عمران خان چيو ته اڄ جي مذاڪري ۾ چئن اهم مسئلن تي ڳالهه ڪندس جن مان سڀ کان بنيادي ۽ اهم مسئلو ڪوويڊ ويڪسين جي اڻبرابر ورڇ آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن جي ڀيٽ ۾ ترقي يافته ۽ امير ملڪن ۾ ويڪسين لڳائڻ جي شرح ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ان لاءِ عا??مي ??رادري کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ ڪوويڊ ويڪسين جي اڻبرابر ورڇ کي ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وائرس جي عا??مي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ اسرندڙ ۽ غريب قومن جي معاشي ترقي بري طرح متاثر ٿي ان لاءِ ڪوويڊ 19 جي مسئلن جي مڪمل خاتمي ??ائين قرضن جي ادائيگي ۾ سهولت ڏني وڃي. هن چيو ته مون ان حوالي سان عا??مي ??طح تي هڪ مهم ب?? هلائي ته جيئن امير ملڪ اسرندڙ ملڪن جي مشڪلاتن جو احساس ڪندي انهن کي قرضن ۾ سهولت فراهم ڪن. وزيراعظ?? عمران خان چيو ته ٽيون اهم مسئلو موسمياتي تبديليون آهي جنهن جي ڪري پاڪستان جهڙا اسرندڙ ملڪ بري طرح متاثر ٿي رهيا آهن. موسمياتي تبديلين جي ڪري گليشيئرز جي پگهڙڻ جي شرح ۾ خوفناڪ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پاڻي جي لاءِ گليشيئرز تي ئي دارومدار ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جي پگهڙڻ جي شرح ۾ اضافي سان پاڻي وسيلن جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. وزيراعظ?? عمران خان چيو ته امير ملڪ ڪلائميٽ فنانس جي شرح اضافو ڪن ته جيئن موسمياتي تبديلين جي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي. هن چيو ته عا??مي ??رادري کي گهرجي ته انهن ملڪن جي خصوصي مدد ڪري جتي ڪاربن جو خارج گهٽ هجي. وزيراعظ?? عمران خان يو اين سي ٽي اي ڊي جي مذاڪري ۾ شامل عا??مي ??ڳواڻن کي چيو ته منهنجي موجب چوٿون اهم مسئلو غريب ملڪن مان امير ملڪن کي رقم جي غيرقانوني م??تق??ي آهي جنهن کي روڪڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته اسرندڙ ۽ غريب ملڪن مان حڪمران اشرافيه اٽڪل 7 کرب ڊالر ڦري امير ملڪن ۾ م??تق?? ڪيا آهن ۽ هر سال اٽڪل هڪ کرب ڊالر م??تق?? ڪيا پيا وڃن جيڪي اسرندڙ ملڪن جي بدعنوان اشرافيه ڪري ٿي. هن چيو ته ان سان هڪ تباهي آڻيندڙ صورتحال جنم وٺي رهي آهي ۽ غريب ملڪن مان امير ملڪن کي رقم جي غيرقانوني م??تق??ي جو بحران سخت ٿيندو پيو وڃي جيڪو ايندڙ سالن دوران وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته اسان کي مني لانڊرنگ کي روڪڻو پوندو. وزيراعظ?? عمران خان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان حوالي سان امير ملڪن کي جيڪي قدم کڻڻ گهرجن ها بدقسمتي سان نه پيا کنيا وڃن جنهن جي نتيجي ۾ اسرندڙ ملڪن جي غريب عوام پيڙهجي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن به ڪنهن ملڪ مان پئسو ٻاهرئين ملڪ م??تق?? ڪيو وڃي ٿو ته ان سان مقامي ڪرنسي جو قدر گهٽ ٿئي ٿو ۽ ناڻي واڌ جي ڪري غربت جي شرح وڌڻ جي نتيجي ۾ ماڻهو بک سان مري وڃن ٿا. وزيراعظ?? عمران خان چيو ته جيڪڏهن مني لانڊرنگ جو تسلسل جاري رهيو ته دنيا جا ڪجهه امير ملڪ پوري دنيا جي دولت پاڻ وٽ گڏ ڪري وٺندا. هن عا??مي ??رادري تي زور ڏنو ته ان ناانصافي کي روڪيو وڃي ڇو ته ان سان امير ۽ غريب ملڪن ۾ خال وڌي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته مني لانڊرنگ جي تدارڪ جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪري اسرندڙ ۽ غريب ملڪن سان ٿيندڙ ناانصافي کي روڪيو وڃي.