اسلام آباد – 04 211; ??ئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف ۽ زرداري جي سياست لوڏا کائي رهي آهي، پي ڊي ايم کانپوءِ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي سياست جي خاتمي جو وقت نظر اچي رهيو آهي، ڪالعدم پارٽي جو رويو ۽ ڪم اسلامي تعليم، آئين ۽ قانون جي ا??تڙ هو، انهي لاءِ حڪومت ان پارٽي کي ڪالعدم ق??ار ڏنو، حڪومت وانگر ان ڏس ۾ عدليه ۽ اليڪشن ڪميشن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، يورپي يونين جي قرارداد پاڪستان جي داخلي معاملن تي ا??رانداز نه ٿيندي، وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته ناموس رسالت ﷺ تي ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته ڪهڙي طرح يو اي اي ۾ ويٺل شخص جي نالي تي پارٽي رجسٽرڊ ٿي وئي، ڀارت ۾ اليڪشن مهم جي ڪري ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ وڌيو، اسان جي اليڪشن ڪميشن کي به ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جڏهن ته ضمني اليڪشن ۾ ڪورونا بچاءُ ايس او پيز تي عمل نظر نه اچي رهيو آهي. هو وزيراعظم آفيس ۾ وفاقي ڪابينا جي ا??لاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته 16 آڪٽوبر 2020ع تي چونڊ سڌارن جو بل ايوان ۾ متعارف ڪرايو ويو، ان بل جي 49 مان 40 نقطن تي سمورين سياسي پارٽين جو اتفاق راءِ هو پر ان کانپوءِ مخالف ڌر پاران ان معاملي کي پٺتي وڌو ويو ۽ چيو ويو ته چونڊ سڌارن ب??بت وزيراعظم پاڻ نه ٿو چوي، ان تي وزيراعظم قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر کي خط لکيو جنهن تي ا??پيڪر ??مورين سياسي پارٽين کي خط لکيو رڳو پيپلزپارٽي نويد قمر کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو، (ن) ليگ سميت ٻين پارٽين جواب نه ڏنو، هاڻي سان سول سوسائٽي، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيسنز، پريس ڪلبنز سميت هر فورم ۾ وڃي رهيا آهيون ۽ انهن کي مخالف ڌر جي ان اهم معاملي تي غيرسنجيده رويي ب??بت ٻڌائينداسين.