اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان هتي ملاقات ڪئي، توانائي واري وزير انڊسٽريل پيڪيج، توانائي ۽ پيٽروليم بابت معامل?? تي وزيراعظم کي بريف ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ه?? چيو ته صنعتي شعبي کي رعايتي اگه?? تي بجلي جي فراهمي جي حڪومتي فيصلي جا م??بت نتيجا سامهون آيا آهن، وزيراعظم ڪاروباري ط??قي پاران بجلي جي اگهن جي حوالي سان حڪومتي فيصلي جي آجيا?? تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ انڊسٽري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.