اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائر?? جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 1302 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 16 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 22 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 376 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 531، پنجاب ۾ 11 هزار 873، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 813، اسلام آباد ۾ 6 هزار 449 ، ب??وچ??تان ۾ 598 ، گلگت بلتستان ۾ 405، آزاد ڪش??ير ۾ 707 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 16 هزار 665 ٿي چڪو آ??ي، آزاد ڪش??ير ۽ ب??وچ??تان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آ??ي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 871 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 123 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 15 هزار 317 آهي.