اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته برطانوي حڪ??مت کي سفارتي ذريعي آگاهه ڪيو آهي ته جوابدار ن??از شريف عدالتن کي گهربل آهي، ميزبان ملڪ ان کي پاڪستان جي حوالي ڪري، ماضي ۾ انهن سياسدانن آخري ٺڪاڻي جي ڪري برطانيا، ??مر??ڪا سميت ٻين ملڪن سان ڏوهارين جي مٽاسٽا جا معاهدا نه ڪيا، ڪراچي واقعي تي آرمي چيف ۽ سنڌ حڪ??مت جي انڪوائري رپورٽ تي سامهون ايندڙ سفارشن ت?? سنڌ حڪ??مت جي ذميداري هوندي ته هو ان تي عملدرآمد ڪرائي، بلاول ڀٽو ۽ مريم ن??از وراثتي سياست جي پيداوار آهن، احتساب جو عمل ڪنهن به صورت ۾ بند نه ٿيندو، تمام جلد سمورا ڪرپشن ۾ ملوث جيلن ۾ هوندا، اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪراچي واقعي ۾ سنڌ حڪ??مت جو پنهنجو ئي ڪردار هجي صرف ڪرپشن کان بچڻ لاءِ ادارن سان جنگ جو ماحول بڻايو پيو وڃي، حقيقي مخالف ڌر جو وجود ئي نه آهي، پراڊڪشن آرڊر، قيادت جي ڪرپشن کي لڪائيندڙ حق??قت ۾ مفاد پرستن جو ٽولو آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته معيشت مسلسل بهتري طرف وڃي رهي آهي، اسان جي ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي، ملڪ ۾ ڪاروباري صورتحال معمول تي اچي رهي آهي، روزاني ٻاهرين ملڪن کان مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.