اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي تعاون جي مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي وزيراعظم عمران خان طرفان ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ان کان اڳ ڪيل ٽوئيٽس جي باري ۾ چيو ته وفاقي ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت جي وچ ۾ سهڪار جو فيصلو مثبت اڳڀرائي آهي، هن چيو ته ان فيصلي سان سانوڻي جي برسات سبب ڪراچي ۾ موجود بحران جي حل ۾ مدد ملندي پر ان سان مستقبل جي منصوبابند?? ۾ ??ه مدد ملندي، صدر چيو ته ان مثبت اڳڀرائي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ موجوده شديد ترين بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته مستقبل ۾ پاڻي جي نيڪاسي جي نالن، ??يوريج ٽريٽمينٽ، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٽرانسپورٽ سميت ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل فيصلا ??ري سگهبا.