اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي ڪ??مياب سفارتڪاري ڀارت کي دنيا ۾ ڌار ڪ??ي ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريند?? مودي جو اصل چهرو بي نقاب ڪ??ي ڇڏيو آهي. هو ريڊيو پاڪستان جي اهتمام هيٺ خصوصي مشاعري کي خطاب ڪري رهيو هو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ پوري دنيا ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين جي معاملي تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته گذريل سال 5 ??گسٽ تي هندستان پنهنجي آئين جي ٻن آرٽيڪلز کي ختم ڪ??ي ڇڏيو جنهن سان نه رڳو ڪشميرين جي خودمختياري محدود ٿي وئي پر ڪشميرين کي بدترين ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻو پيو، رياست کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته مودي جو هندستان بي مثال قربانيون ڏيندڙ بهادر ڪشميرين جي آزدي جي جدوجهد کي چيڀاٽي نٿو سگهي