اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا سان گڏ ماڪڙ جو حملو پاڪستان جي لاءِ وڏو چئلين?? آهي، حڪومت ماڪڙ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ??ر ممڪن قدم کڻندي، ماڪڙ کان بچاءُ جي لاءِ ??فاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن کي جامع ڪوششون ڪرڻيون پونديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل لوڪسٽ ڪنٽرول سينٽر (اين يل سي سي) جي دوري دوران ڪيو. وزيراعظم کي ان موقعي تي ماڪڙ کان بچاءُ جي لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي.