اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ قائم ڪيل خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ وفاقي وزير سيد فخر ام??م جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت سمورين پارلياماني پارٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ??ومي اسيمبلي جي سيشن جي حوالي سان ??يمبرن پاران ??ختلف تجويزون سامهون آيون جڏهن ته اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان ??يصلو ٿيو ته 11 مئي سومر ڏينهن ٽي وڳي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو، ان اتفاق راءِ کانپوءِ مخالف ڌر پاران خواجه محمد آصف ريڪيوزيشن واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو. اهو به طئي ٿيو ته اجلاس جو وقت ڏيڍ کان ??ه ڪلاڪ تائين هوندو.