لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سُندس فائونڊيشن جو دورو ڪيو، رت جو عطيو ڏنو ۽ شاگردي واري زماني، ڊاڪٽري پيشي سان واڳيل هجڻ سان گڏوگڏ بطور سوش?? ورڪر يادون تازيون ڪيون، ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته 22 ڀيرا سُندس فائونڊيشن کي پنهنجو رت عطيو ڪري چڪي آهيان ?? سُندس فائونڊيشن ق??ئم ٿيڻ کان وٺي هن اداري سان واڳيل آهيان.