حيدرآباد – 27 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران شروع ڪيل ترقياتي منصوبن مان سنڌ صوبي سميت سڄي ملڪ ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو. هن اها ڳالهه زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت سنڌ ۾ ڪيترائي وڏا ترقياتي منصوبا ??رو ڪيا آهن جن جي مڪمل ٿيڻ سان صوبي جي عوام کي ??هولت ملندي. قومي اسيمبلي ميمبر سيد وسيم حسين جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي پارليامينٽ ميمبرن جي وفد وزيراعظم کي ??يدرآباد جي شهرين کي ??رپيش مسئلن کان آ??اهه ڪندي هن تاريخي شهر جي لاءِ خصوصي ترقياتي پئڪيج جو اعلان ڪرڻ ??ي زور ڏنو.