اسلام آباد – 07 ا??ري?? (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو س??ري?? ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، س??ري?? ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو هوندو اسانکي قبول هوندو. انهن خيالن جو اظهار هن س??ري?? ڪورٽ جي ٻاهر پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي خط ۾ چ??و ويو ته وزيراعظم کي جيڪڏهن نٿو هٽا??و وڃي ته پاڪستان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ان تي ڪيترائي سوال اٿن ٿا، عدم اعتماد کان ٽي ڏينهن اڳ قومي سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس رک??و ويو هو، اپوزيشن چيو ته قومي سيڪيورٽي ڪميٽي اجلاس لاءِ اسانکي ڪو دعوت نامو ناهي ڏنو ويو، انهن کي باضابطه خط لکي گهرا??و ويو پر اهي نه آيا، متحده اپوزيشن جو مقصد عدم اعتماد آڻي چونڊن ۾ آءِ وي ايم مشين جي استعمال کي ختم ڪرڻو هو، انهن جو مقصد نيب ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ کي ختم ڪرڻو هو، پرڏيهي سازش جي جيستائين جاچ نٿي ٿئي عدم اعتماد نٿي ٿي سگهي. فيصل جاويد چيو ته اسانجون نون چونڊن لاءِ ??يا??يون عروج تي هجن، اپوزيشن خوفزده ڇو آهي عوام ۾ اچي ۽ ميدان ۾ مقابلو ڪري. ان موقعي تي علي محمد خان چيو ته اسان گورننس تي ڳالهائڻ لاءِ ??يا?? آهيون، مهانگائي کي تسليم ٿا ڪريون، معاملو تبديل ٿي ويو آهي، هاڻي معاملو رياست جو ٿي ويو آهي، پاڪستان جا فيصلا پرڏيهه مان نه ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته روس رڳو بهانو آهي عمران خان نشانو آهي.