اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ آئيني ترميمي بل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي پيش ڪري ??ڏيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري به ان موقعي تي موجود هو. پرڏيهي وزير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته ان بل کي سومر تي من??قد ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وزير جي درخواست تي ان ڏکڻ پنجاب آئيني ترميمي بل کي سومر تي من??قد ٿيندڙ اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي جو قيام پاڪست??ن تحريڪ انصاف جي منشور جو حصو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ميلسي جي عوامي رابطا جلسي ۾ ڏکڻ پنجاب آئيني ترميمي بل پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي هدا??ت تي مون آئيني ترميمي بل، قانون واري وزارت جي منظوري ??انپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي خدمت ۾ پيش ڪري ??ڏيو آهي، اڄ وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪست??ن تحريڪ انصاف ڏکڻ پنجاب جي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ??ڏيو آهي.