اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئ?? آهي ته ريڪوڊڪ سون ۽ ٽامي جي کاڻ جي ترقي نه رڳو بلوچستان پر سڄي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، وزيراعظم سان سينيٽ ج?? چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئ??، سينيٽ چيئرمين بلوچستان ۾ ريڪوڊڪ سون ۽ ٽامي جي کاڻ جي ترقي کانسواءِ تقريبن 11 بلين ڊالر جي ڏنڊ جي معافي لاءِ حڪومت جي بيرڪ گولڊ ڪمپني سان ڪام??اب معاهدي تي وزيراعظم جو ٿورو ??دا ڪيو، ان معاهدي تحت بيرڪ گولڊ بلوچستان ۾ 10 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو جنهن سان علائقي ۾ 8 هزار نيون ملازمتون پيدا ٿينديون، وزيراعظم اميد ظاهر ڪئ?? ته ريڪوڊڪ سون ۽ ٽامي جي کاڻ جي ترقي نه رڳو بلوچستان پر سڄي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.