اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اسلام?? فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته نفرت انگيز بيانيي ک?? لغام ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ آئون سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ ڪيل تقريرن ۾ اسلام?? فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي خلاف جدوجهد جو آغاز ڪيو. وزيراعظم جي هدايت تي مون ان معاملي ک?? نيامي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 27 هين اجلاس ۾ اٿاريو. نيامي ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ زمين هموار ٿي ۽ اسان امت کي ان مسئلي تي متحد ڪيو ۽ اسلام?? فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي خلاف متفقه قرارداد منظور ٿي. ان کانپوءِ پاڪستان گڏيل قومن ۾ قرارداد پيش ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته اسان چيو ته آخري نبي حضرت محمد ﷺ جي شان ۾ گستاخي جو سلسل?? بند ٿيڻ گهرجي، نفرت انگيز بياني ک?? لغام ڏيڻ گهرجي، الحمد الله دنيا اسان جي موقف کي تسليم ڪيو آهي ۽ اسان جي تجويز تي اهو فيصلو ٿيو آهي ته هر سال 15 مارچ کي اسلام?? فوبيا کي روڪڻ جي عالمي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان کي اسلام?? فوبيا جي خلاف هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، آئون ان ڪاميابي تي سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.