اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير ف??خ حبيب چيو آهي ته عمران خان نه جهڪندو نه وڪامجندو، وزيراعظم عمران خان بليڪ ميل نه ٿيندو، منهن موڙيندڙ ميمبرن جي لاءِ پيغام آهي ته هي ڇانگا مانگا جو دور ناهي. مملڪت?? وزير ف??خ حبيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪنهن سان ٺاهه نه ڪندو، ڄمي بيٺل آهي ڪپتان، معاشري جي اندر ماڻهو ڏسي رهيا آهن ته ڪير حق ۽ ڪير باطل سان گڏ بيٺل آهي، توهان کي سڀاڻي ماڻهن کي جواب ڏيڻو پوندو، منهن موڙيندڙ ميمبر واپس پنهنجي گهر اچي وڃن، ف??خ حبيب چيو ته توهان وٽ موقعو آهي نيلام گهر کان واپس نڪرو، مخالف ڌر پنهنجا سمورا پتا ظاهر ڪري ڇڏي??، اسان وٽ ڪيترائي پتا ۽ آخري ڪارڊ موجود آهي.