اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته شاگرد علم حاصل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏين، ملڪ ۾ روايتي تعليم سان گڏوگڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم جو فروغ ضروري آهي، ڪيريئر ڪونسلنگ جي حوالي سان تقريبن جو انعقاد پ??ڪس??ان جي هر صوبي ۽ هر اسڪول ۾ هجڻ گهرجي، نو??وان ڪيرييئر جي چونڊ ۾ مستقبل ??ي ضرورتن کي نظر ۾ رکن، آءِ ٽي مان نو??وانن لاءِ روزگار جا نو??ن موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنه سينٽر ۾ تعليم واري وفاقي وزارت جي اهتمام هيٺ ڪيريئر ڪونسلنگ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني، ايڊيشنل سيڪٽري محي الدين واني، مختلف يونيورسٽين جي وائنس چانسلرز سميت تعليمي ماهر ۽ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي ماتحت اسلام آباد جي مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي تعداد به شرڪت ڪئي. صدر چي?? ته ان اهم تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ خوشي جو سبب آهي، هن تقريب جي انعقاد تي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير جو ٿورو ادا ڪيو، صدر چي?? ته تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت شاگردن جي ڪونسلنگ لاءِ بهترين ڪم ڪيو آهي، اهڙا پروگرام ملڪ جي سمورن صوبن ۾ ٿيڻ گهرجن ۽ ان جو دائرو وڌائڻ گهرجي. ماضي ۾ ڪيريئر ڪونسلنگ نه هئي، ان لاءِ ماضي ۾ ملڪ ۾ وڏي تعداد ۾ شاگرد ڊاڪٽري جو پيشو اختيار ڪري ورتو ۽ ملڪ ۾ اسپتالن جي کوٽ ۽ روزگار جي موقعن جي عدم موجودگي جي ڪري اهي ٻاهرين ملڪ هليا ويا، صدر شاگردن کي مخاطب ٿيندي چي?? ته هو پ??ڪس??ان جو مستقبل ??هن، ان لاءِ هو علم حاصل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏين، علم جتان کان به ملي ان کي حاصل ڪرڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته ٻين تائين پيغام پهچائڻ لاءِ ڪميونيڪيشن اسڪلز وڏي اهميت ر??ند?? آهي، سچائي جو دامن نه ڇڏيو وڃي ته دنيا جي هر ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، صدر چي?? ته ملڪ ۾ لکين ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، هن چي?? ته ڪيريئر جي چونڊ ۾ مستقبل ??ي ضرورتن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، دنيا کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت يافته ماڻهن جي ضرورت آهي، اڄ عورتون گهر ويٺي انٽرنيٽ جي ذريعي لکين روپيا ڪمائي رهيون آهن، انفارميشن ٽيڪنالاجي سان نو??وانن لاءِ روزگار جا نو??ن موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، هن چي?? ته ٽيڪنالاجي پ??ڪس??ان جي نو??وانن لاءِ به رستا کولي ڇڏيا آهن، پ??ڪس??ان کي نو??وان آبادي مان فائدو کڻڻ گهرجي. دنيا کي آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ هنرمند افرادي قوت جي سخت ضرورت آهي. صدر شاگردن کي چي?? ته هو اخلاقي تربيت تي پنهنجو ڌيان ڏين، استادن جو احترام ڪن ۽ پنهنجي والدين جا ٿورائتا رهن جنهن کين پاليو ۽ انهن جي تربيت ڪئي آهي. هن چي?? ته شاگردن کي معاشري ۾ همدردي جو جذبو به رکڻ گهرجي، صدر چي?? ته پ??ڪس??ان جنهن انداز سان ترقي ڪري رهيو آهي ان جي نتيجي ۾ هو جلد هڪ ترقي يافته ملڪ بڻجندو، اسان سڀني جي ذميداري آهي ته تعليم کي فروغ ڏنو وڃي، نو??وان نسل ملڪ کي ترقي ڪندو ڏسندو. هن چي?? ته فيڪ نيوز سان سڀ کان وڌيڪ خطرو نو??وانن کي آهي، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني پنهنجي خطاب ۾ تقريب ۾ شرڪت تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو، هن چي?? ته تعليم سميت ملڪ جي هر شعبي ۾ ڊجيٽلائيزيشن ٿي آهي، دنيا وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، شاگردن جي ڪيريئر ڪونسلنگ جي لاءِ 70 کان وڌيڪ ادارن ايڪسپو ۾ اسٽال لڳايا آهن، هن چي?? ته شاگردن کي فيصلاسازي ڪندي احتياط ڪرڻو پوندو.