حيدرآباد – 04 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پشاور بم ??ماڪو ڳڻي ۽ مذمت جوڳو آهي، اسان شهيدن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي هر سازش ناڪام بڻائي ويندي، جيڪي به دهشتگردن جي مدد ڪري رهيا آهن انهن کي شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو، پوري قوم متحد آهي، ڪجهه عنصر ملڪ کي ترقي ڪندي، معاشي استحڪام ۽ پرامن نه ٿا ڏسڻ چاهين، اهي غيريقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، سنڌ جي عوام تصوير جو ٻيو رخ به ڏسي ورتو آهي، پيپلزپارٽي جي فلم 5 ڀيرا لڳي چڪي آهي هاڻي عوام انهن کي نه ڏسندي، سنڌ مان ??نڍي ۽ وڏي زرداري کي الوداع چوڻ جو وقت اچي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ حقوق مارچ جي ٽنڊو محمد خان ??هچڻ تي مين روڊ تي هڪ وڏي استقبالي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن کي وفاقي وزير علي زيدي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. هن چي?? ته پشاور ۾ بم ??ماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ??و، اهو دهشتگردي جو افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو واقعو آهي جنهن ۾ ٻاهريان ??ٿ ملوث آهن، اسان شهيدن ۽ زخمين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، قوم پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيندي، اسان ??وج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت پوري قوم جي عزم، قرباني ۽ جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ??يڪي به دهشتگردن جي مدد ڪري رهيا آهن انهن کي شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو. پوري قوم متحد آهي. ڪجهه عنصر ملڪ کي ترقي ڪندي، معاشي استحڪام ۽ پرامن نه ٿا ڏسڻ چاهين، اهي نه ٿا چاهين ته پاڪستان ۾ امن امان ??جي هتي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿئي، انهن کي خبر آهي ته پاڪستان جي خراب حالت هئي جيڪا هاڻي معاشي ترقي طرف وڌي رهي آهي، ان ??اءِ اهي غيريقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. هن چي?? ته ڪجهه ماڻهو عوام ۾ وڃي انهن کي ورغلائي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ غيريقيني جي مهم هلائي رهيا آهن، اهي مايوس عنصر قوم کي به پاڪستان جي مستقبل کان ??ايوس ڪرڻ چاهين ٿا، اهي عوام جي مسئلن جو حل نه رڳو اقتدار ۽ احتساب کان بچڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ??نهن جو مارچ سنڌ ۾ پذيرائي حاصل نه ڪري سگهيو ته ??لدي سنڌ مان ??ڪري ويا پر ڪالهه ملتان ۾ به عوام انهن جي استقبال لاءِ نه آئي. هن چيو ته ??سان 26 فيبروري کان گهوٽڪي کان سنڌ حقوق مارچ کڻي نڪتا آهيون هر جڳهه تي عوام تبديلي ڏسي ورتي آهي گذريل رات بدين ۾ ۽ هاڻي ٽنڊو محمد خان ۾ عوام جي ميڙ کي مخاطب آهيان. هن چي?? ته سنڌ جي عوام تصوير جو ٻيو رخ به ڏسي ورتو آهي، اڳ ۾ 15 سالن کان ??ڪ ئي تصوير ڏسي رهيا هئا هاڻي اها فلم نه هلندي، پيپلزپارٽي جي فلم کان ??اڻهو بيزار ٿي ويا آهن، 5 ڀيرا انهن جي فلم لڳي آهي پر ناڪام ٿي وئي آهي. هن چي?? ته سنڌ جي عوام 15 سالن کان ??ڪ ئي ڪهاڻي ٻڌي رهي آهي، انهن وٽ ڪو نئون منشور، پروگرام ۽ حڪمت عملي نه آهي. سنڌ حڪومت هر طرح سان ??اڪام ٿي وئي آهي، هاڻي سنڌ مان ??نڍي ۽ وڏي زرداري کي الوداع چوڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته ??واز گهٽ هجي آهستي ڳالهايو وڃي پر صحيح ڳالهايو وڃي ته ??ن ۾ وڏو وزن هوندو آهي، هاڻي رڙيون ڪري عوام کي بيوقوف بڻائڻ جو وقت ختم ٿي ويو آهي. هن چي?? ته سنڌ ۾ نئين ۽ باوقار قيادت اڳتي اچي رهي آهي، آئون سنڌين جا تيور ڏسي رهيو آهيان، اهي پنهنجي تقدير بدلائڻ چاهين ٿا ته ??حريڪ انصاف جو ساٿ ڏين، 2023ع جي چونڊن ۾ عوام تير کي ٽوڙي سنڌ کي جوڙي ڇڏيندي. هن چيو ته ??ئون توهان کان ??وٽ وٺڻ نه زردارين کي الوداع چوڻ آيو آهيان.