اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چ??ئر??ين محمد ص??دق سنجراڻي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پا??لي??مينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران ٻنهي ايوانن ۾ قانونسازي ۽ بين معاملن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چ??ئر??ين چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سٺيون روايتون قائم ڪيون آهن ۽ هڪ ٻئي سان انتظامي سطح تي رابطي کي تمام گهڻي اهميت ڏني وئي آهي. سينيٽ چ??ئر??ين محمد ص??دق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ايوانن جي وچ ۾ قانونسازي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان تعاون مثالي رهيو آهي. ٻنهي اڳواڻن اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ايوانن پاران التوا هيٺ پيل قانونسازي کي فوري طور تي مڪمل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ سينيٽ جو ڊپٽي چ??ئر??ين مرزا محمد آفريدي ۽ ٻيا ??ينيئرز پڻ موجود هئا.