اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) ??ين??ٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ??ين??ٽر فيصل جاويد چيو آهي ته آزادي صحافت تي ڪنهن قسم جو پابندي نه لڳڻ گهرجي، صحافين جي تحفظ جي بل ۾ ميڊيا ورڪرز جي تعريف ۾ ڪئميرا مين ۽ ڊرائيورز کي به شامل ??رڻ گهرجي، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ورڪرز جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ لاءِ ت??ار آهيون. اها ڳالهه هن ??ين??ٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ??ين??ٽر سليم مانڊوي والا، ??ين??ٽر عرفان صديقي سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، ڪميٽي جي اجلاس ۾ صحافين جي تحفظ جي بل تي غور ڪ??و ويو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي ??ين??ٽر فيصل جاويد چيو ته اسان پهرين به اهڙو بل آڻي چڪا آهيون جنهن جو مقصد صحافين جي شڪايت جي ازالي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ??رڻ هو، هن چيو ته صحافتي تنظيمن کي ڪميٽي جي اجلاس ۾ گهرايو ويندو، هن چيو ته حڪومت سمورن صحافين ۽ عام ماڻهن کي صحت ڪارڊز جي ذريعي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، اسان سنڌ ۾ به صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ??رڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته ڪميٽي پهرين ئي تجويز ڏئي چڪي آهي ته موجوده قانونن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي، اسان ميڊيا يونينز ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي گڏجاڻي لاءِ گهرائينداسين، هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ورڪز جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻڻ لاءِ ت??ار آهيون، ??ين??ٽر فيصل جاويد چيو ته حڪومتي کاتن طرفان جيڪي به ادائيگيون ميڊيا کي اشتهارن جي مد ۾ ٿيڻون آهن، ان جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ميڊيا مالڪن ايترو منافعو ڪمائي رهيا آهن ته ميڊيا ورڪرز جون پگهارون به وڌڻ گهرجن، هن اجلاس کي ٻڌايو ته پي ٽي وي اسپورٽس کي ايڇ ڊي ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي ??ين??ٽر عرفان صديقي چيو ته اسان کي صحافين لاءِ فائديمند ميڪنزم بڻائڻ جي ضرورت آهي، ??ين??ٽر سليم مانڊوي والا چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ان ترميم جي ذريعي جيڪا به ڪميشن ٺهي ان کي بااختيار ڪ??و وڃي، هن چيو ته ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي ۽ بهتري جو خيال رکڻ گهرجي.