اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي 20 رڪني مرڪزي ايڊوائيزري ڪميٽي جي نالن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ وزيراعظم عمران خان پاران اهو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ منصوبا??ند??، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير شاه?? محمود قريشي، تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، دفاع واري وزير پ??ويز خٽڪ، عامر محمود ڪياني، وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، علي زيدي، حماد اظهر، علي امين گنڊاپور، شيرين مزاري، مراد سعيد، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، خيبرپختونخوا جو وڏ?? وزير محمود خان، پنجاب جو وڏ?? وزير عثمان بوزدار، پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور، سينيٽر سيف الله خان نيازي ۽ خان محمد جمالي شامل آهن.