اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني يونيورسٽين ۾ تعليمي معيار کي ??ديد بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي، چپ مينوفيڪچرنگ جي لاءِ يونيورسٽي شاگردن کي پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون، ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي ??ڳتي وڌڻو پوندو، شاگردن کي ??ديد ۽ فني تعليم ڏئي ملڪ کي ??ڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ۾ ما??يڪرو ويو، اينٽينا اينڊ سرڪٽس بابت پهرين عالمي ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ نسٽ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) جاويد محمود بخاري، ڊاڪٽر حماد چيما، استادن، مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ سائنسدانن ۽ ماهرن کانسواءِ شاگردن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. صدر چي?? ته دنيا تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، اسان کي ??ديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا سان گڏ هلڻو پوندو، پاڪستان ۾ چپ ڊيزائننگ تي ڪم ٿي رهيو آهي، ان جي مينوفيڪچرنگ طرف پڻ وڃڻو پوندو. هن چي?? ته چپ ڊيزائننگ ۽ ان جي تياري ملڪ جي سيڪيورٽي جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، سائبر جنگين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ دفاعي نظام مضبوط بڻائڻو پوندو، يونيورسٽين ۾ ما??ڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته پاڪستان ۾ رڳو 10 سيڪڙو شاگرد انٽر کان هايئر ايجوڪيشن طرف وڃن ٿا، اسان جون يونيورسٽيون جيڪو ڪجهه سيکاري رهيون آهن انهن جي ما??ڪيٽ ۾ کپت گهٽ آهي، ملڪي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، شاگردن کي ??ديد ۽ فني تعليم ڏئي پاڪستان کي ??ڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو. صدر چي?? ته نوجوانن کي ??عليٰ تعليم ڏيڻ ۽ هنرمند بڻائي ملڪ کي ??ڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو، پاڪستان آبادي جي لح??ظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي جيڪو ايندڙ سالن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. هن چي?? ته بلند مقام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ليڊرشپ جو تمام اهم ڪردار آهي، ڪورونا جي حوالي سان پاڪستان بهتر حڪمت عملي اختيار ڪئي. صدر چي?? ته ڪانفرنس ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي، دفاعي صنعت کي نسٽ جي حصيداري کي ??ڳتي وڌائڻ گهرجي ۽ ٻين يونيورسٽين کي پڻ ان عمل جو حصو بڻائڻ گهرجي. صدر چي?? ته ليڊرشپ ايهڙي هجڻ گهرجي جيڪا اڳتي جو سوچي، پاڪستان ما??ي ۾ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو پر هاڻي ان کي ??ديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. ڪانفرنس کي نسٽ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) جاويد محمود بخاري خطاب ڪندي عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جا ٿورا مڃيا. هن چي?? ته نيشنل يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ملڪ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ صدر جي ويزن ۽ اميدن تي پورو لهندي. هن چي?? ته نسٽ ان شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. ان موقعي تي صدر نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ملڪي ۽ غيرملڪي ماهرن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا.