اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته شڪست جو جشن مل??ائ?? ۽ اڀي نندن کي وير چڪر سان نوازڻ صرف مودي ئي ڪري سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير 27 فيبروري 2019ع تي پاڪ فضائيه جي شاهينن جو نشانو بڻجندڙ ڀارتي مگ جهاز جي پائليٽ اڀي نندن کي ڀارت جي ٽئين سڀ کان وڏي فوجي اعزاز ڏيڻ جي تقريب جي وڊيو شيئر ڪندي چي?? ته شڪست جو جشن مل??ائ?? ۽ اڀي نندن کي وير چڪر سان نوازڻ صرف نريندر مودي ئي ڪري سگهي ٿو. هن ڀارتي وزيراعظم کي مشورو ڏن?? ته هو احمقن جي جنت ۾ پنهنجو قيام جاري رکي. واضح رهي ته ڀارتي صدر رام ناٿ ڪووند سومر تي اڀينندن کي فيبروري 2019ع ۾ مبينه طور تي پاڪستاني فضائيه جو ايف 16 جهاز ماري ڪيرائڻ تي ”وير چڪر“ ڏنو آه??، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ان ڀارتي دعويٰ جي ترديد ڪري چڪو آه?? ۽ آمريڪي اخبار فارن پاليسي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ه?? ته آمريڪا جي دفاع واري کاتي جي اهلڪارن پاڪستان ايف 16 جهازن جي ڳڻپ ڪئي آه?? ۽ اهي تعداد ۾ پورا آه??، آمريڪي عملدارن پاران اهو بيان ان ڀارتي دعويٰ کي مڪمل طور تي ڪوڙو ثابت ڪري چڪو هو.