اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ?? اي وي ايم، ٻاهرئين م??ڪ پاڪستانين کي ووٽ جي حق سميت ٻيا قانون م??ظور ٿيا. مملڪتي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته قانونسازي جو هي عمل ٻنهي ايوانن جي حڪومتي ميمبرن ۽ اتحادين پاران وزيراعظم جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته مخالف ڌر آر يا ??ار ڪندي خوار ٿي وئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته بلاول زرداري گڏيل اجلاس ۾ قانونساز?? جي لاءِ 222 ميمبرن جو وٽ وجهڻ ضروري هجڻ جو ڪوڙ ڳالهائي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مملڪتي وزير چيو ته گڏيل اجلاس ۾ قانونساز?? جي لاءِ آئين جي آرٽيڪل 72 (4) تي پڙهي وٺو. هن چيو ته ان آرٽيڪل موجب گڏيل اجلاس جا سمورا فيصلا ايوان ۾ حاضر ميمبرن جي اڪثريتي ووٽ سان ٿيندا.