اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي ايوان صدر جي اڱڻ ۾ مياواڪي جي ٻيلي جو افتتاح ڪيو آهي. ايوان صدر جي مياواڪي ٻيلي ۾ 4 هزار کان وڌيڪ ٻوٽ?? لڳايا ويا آهن. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب مياواڪي جا ٻوٽا صدر جي گرين پريزيڊنسي قدمن تحت لڳايا ويا آهن، ٻيلي لڳائڻ جو مقصد ??مين جو بهتر استعمال ۽ ماحولياتي آلودگ?? کان بچاءُ آهي، مياواڪي جي منصوبي کي ڊرپ آبپاشي جي نظام جي ذريعي پاڻي جي فراه??ي ڪئي ويندي.