دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي مل??قات ڪئي، اها مل??قات هتي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. مل??قات ۾ پا?? چين ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان مل??قات ۾ چين جي صدر ۽ وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن پيغام ڏنو. هن چيو ته پا??ستان ۽ چين هڪٻئي جي گهڻو ويجهو ۽ تزويراتي حصيدر آهن. هن ڪووڊ – 19 جي و??ا دوران چين پاران پا??ستان سان تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ هڪ قسمت بدلائيندڙ منصوبو آهي ۽ ٻنهي طرفن کان ان جي جلد تڪميل لاءِ ڪوشان آهن، وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پا??ستان ۽ خطي جي لاءِ گهڻو ضروري آهي، پا??ستان افغانستان ۾ امن لاءِ تمام گهڻو تعاون ڪيو آهي، پا??ستان ۽ چين هڪ جامع علائقائي ايپروچ لاءِ افغانستان جي 6 پا??يسري ملڪن جو اجلاس گهرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته عالمي برادري کي افغان عوام جي مدد لاءِ ڪوششون جاري رکڻيون پونديون ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ ۽ معيشت جي مضبوطي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. مل??قات ۾ ان ڳ??لهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي طرفن کان اعليٰ سطحي مٽاسٽا جاري ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجها رابطا هموار رکندا.