اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين بهاولنگر ۾ ڪريڪر حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصر محرم الحرام جي دوران فساد پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردي جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، سماج دشمن عنصرن جي ملڪ دشمن سازشن کي ??رگ?? ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.