اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاران مديني جي رياست جي ويزن تحت سادگي ۽ ڪفايت شعاري جي قدمن جي ذر??عي و??يراعظم آفيس جي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي و??عدي موجب مالي سال 2020ع ۾ وزيراعظم آفيس جي روز مره (آپريٽنگ) خرچن جي مد ۾ نمايان گهٽتائي آندي و??ي آهي. وزيراعظم عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين ۽ وزارت عظميٰ جو منصب سنڀالڻ وقت وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم آفيس جي خرچن ۾ ڪفايت شعاري جي ڏس ۾ مثال قائم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. وزيراعظم عمران خان عوام کان ٽيڪس جي صورت ۾ حاصل ڪيل قومي ناڻي جي تحفظ لاءِ نه رڳو وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم آفيس جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو پر عوام جي پ??سن جي ممڪن تحفظ لاءِ ٻين حڪومتي عهديدارن جي لاءِ به هڪ مثال قائم ڪيو جنهن جي تصديق مالي سال 20 -2019ع جي بجيٽ ۽ ناڻي و??ري و??ارت جي دستياويزن مان به ٿي رهي آهي، بجيٽ ۽ سرڪاري دستاويزن موجب وزيراعظم آفيس جي لاءِ آپريٽنگ خرچن جي مد ۾ مالي سال 2020ع ۾ 218 ملين روپيا مختص ڪيا ويا هئا، تنهن هوندي به ڪفايت شعاري جي اصولن تي ڪاربند رهندي ڪل خرچن جو ڪاٿو 46 ملين روپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي جيڪو مختص ڪيل بجيٽ کان گهڻو گهٽ آهي. عوام جي ٽيڪسن مان حاصل ٿيل پ??سن جو موثر ۽ بامقصد استعمال جي ذر??عي سفر ۽ ٽرانسپورٽ خرچن جي مد ۾ هڪ ڪروڙ روپين جي بچت ڪئي و??ي آهي.