ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين، بدعنوان عنصر جيڪو مرضي ڪري وٺن اين آر او ??ه ملندو، چاه??ون ٿا ته خبر پوي ته اسامه بن لادن ڪنهن کي پئسا ڏنا هئا. ساهيوال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ تمام گهڻو پئسو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو نمائندو ڪروڙين رپيا وٺي پنهنجو ضمير وڪرو ڪري ٿو ته اهو عوام جي نمائندگي ڇا ڪندو، ان لاءِ اسان آئيني ترميمون چاه??ون ٿا ته جيئن بيلٽ اوپن ٿئي. اسان گذريل چونڊن ۾ پئسا وٺندڙ ڪارڪنن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته هينئر به سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ووٽ جي خريد ۽ وڪري جي ح??الي سان سرگرم??ون جاري آهن. سينيٽ پارليامينٽ جو مٿ??ون ايوان آهي جنهن جو تمام گهڻو تقدس آهي. هن چيو ته اسان وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه آهي پر اسان پوءِ به سينيٽ اليڪشن شفاف بڻائڻ جي لاءِ بل پيش ڪنداسين.