اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي غيور عوام پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي جو بائيڪاٽ ڪ??ي ثابت ڪيو ته اهي سياسي بصيرت رکندڙ باشعور ماڻهو آهن جنهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، عدالتي حڪم اچڻ جي باوجود مخالف ڌر جو جلسن تي اصرار انهن جي عوام دش??ني جي ع??اس?? آهي. پي ڊي ايم جلسي تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام وزيراعظم ??مران خان جي اپيل تي نه رڳو پاڻ کي ڪورونا کان محفوظ ر??يو پر پي ڊي ايم جي عوام دش??ن ايجنڊا کي پڻ ناڪام بڻائي ڇڏيو، جلسي ۾ ماڻهن جي گهٽ دلچسپي ۽ شرڪت خيبرپختونخواهه جي عوام جو مخالف ڌر تي عدم اعتماد جو واضح اظهار آهي.