اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪو??ون?? حقيقت آهي ان جي باوجود مخالف ڌر پارٽين پاران غير ذميداراڻا بيان ڏنا پيا وڃن، مخالف ڌر پارٽيون پنهنجي قومي ذميدارين کان پاڻ کي آجو سمجهن ٿيون، ڪو??ونا وبا جي ٻي لهر پوري دنيا ۾ تباهي پکيڙي رهي آهي، مخالف ڌر پارٽين کي عو??م کي ڪو??ونا وائرس کان محفوظ رکڻ طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي، نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته لڳي ٿو ته مخالف ڌر طئ?? ڪري ورتو آهي ته ڪنهن به طرح ملڪ کي نقصان پهچائڻو آهي، ڪو??ونا سان عوام جو ته نقصان ٿيندو ئي ان سان معيشت تي به اثر پوندو، هن چيو ته اها ئي مخالف ڌر هئي جيڪو چوندي هئي ته مڪمل لاڪ ڊائون ڪريو ۽ اڄ اها ئي مخالف ڌر چئي رهي آهي ته پابندي نه لڳايو، پشاور ۾ جيڪڏهن مخالف ڌر جو جلسو نه ٿيندو ته ڪهڙو نقصان ٿي ويندو.