ديامير – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم ??لڪ جي لاءِ اهم ترين منصوبو آهي، جتي ان ??يم سان پاڻي ذخيرو ۽ بجلي ٺهندي اتي ان جي ڪري تربيلا ??يم جي ڪارآمد مدي ۾ اضافو ٿيندو، روزگار جا موقعا ملندا ۽ معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ديامير ڀاشا ??يم سائيٽ جي دوري ۽ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو. واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين وزيراعظم کي جاري ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني.