اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اينٽي ڪينسر،ڪارڊيڪ ڊرگز ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن وغيره جي درآمدات کي ڪج??ه شرطن تحت پابندي کان ڇوٽ قرار ڏيڻ جي تجويز، ڪوويڊ 19 کان بچاءُ جي دوا جي قيمت 10.873 کان گهٽ ڪري 8244 رپيا ڪرڻ، ڪنٽونمينٽ بورڊ جا نو??ن ميمبر مقرر ڪرڻ جي حوالي سان پيش ڪئ?? و??ندڙ تجويزن ۽ 7 مختلف ڪنٽونمينٽس جي ري ڪلاسيفڪيشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات وار?? و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ نيشنل هيلٿ سروسز واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئ?? رهيو هو.