اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تاريخ جو اه?? ڪارو ڏينهن آهي جڏهن هندستان عالمي قانون غيور ڪشميري عوام جي امنگن ۽ حقن ک?? پائمال ڪندي مسلم اڪثريتي آبادي تي مشتمل رياست ڄمون ۽ ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪري ورتو، اِهو اَه?? ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڪشميري عوام کي محڪو بڻائڻ لاءِ پنهن??ي فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاٿي، وفاقي وزير 27 آڪٽوبر يوم سياهه جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته بهادر ڪشميري گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي ظلم، ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگردي کي منهن ڏئي ر??يا آهن ۽ پنهنجي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ عظيم جدوجهد ڪري ر??يا آهن.