اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان 77 گروپ ۽ چين جي ويانا چيپٽر جي چيئر طور ڪاميابي سان پنه??جو مدو 28 فيبروري تي مڪمل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پنهنجي صدارت دوران پ??ڪستان ??و ڌيان ??سرندڙ ملڪن جي لاءِ ڳڻتي جي اهم مسئلن کي حل ڪرڻ تي هو جن ۾ جنگيون، جاگرافيائي سياسي تڪرار، موسمياتي آفتون، معاشي مشڪلاتون، غربت ۽ بک شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان ??سرندڙ ملڪن جي ضرورتن کي ترجيح ڏيندڙ اتفاق راءِ سان ??ل ڳولڻ جي لاءِ تنظيمن جي وچ ۾ تعاون تي زور ڏنو. ان ??و مقصد گروپ جي ميمبرن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ هو جڏهن ته ڏکڻ-ڏکڻ ۽ ٽه رُخي حصيداري کي فروغ ڏيڻ هو. ترجمان چيو ته نگران پ??ڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پاڪستان ??ي مدي جي تڪميل تي گروپ سان پ??ڪستان ??ي مسلسل وابستگي ۽ انهن قدرن، نظرين ۽ اصولن جي نمائندگي ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي.