اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) تاجڪستان جي صدر امام علي ??حمان نئين چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاه?? ڪئي آهي ته گڏيل ڪوششن جي ذريعي ٻئي مل?? ڊگهي مدي واري ٻطرفي حصيداري کي فروغ ۽ سگهه ڏيندا. تاجڪ صدر وزيراعظم کي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته هو سندس سٺي صحت ۽ پاڪستان جي پائيدار سماجي ۽ معاشي ترقي جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ وڌيڪ ڪاميابين جو خواهشمند آهي. هن اميد ظاه?? ڪئي ته دوست مل?? پاڪستان جي عوام جي ڀلائي سان گڏوگڏ عالمي سطح تي پاڪستان جي ??اک کي مستحڪم بڻائيندا. هن چيو ته تاجڪستان ۽ پاڪستا?? دوستي، گڏيل افهام تفهيم، احترام ۽ اعتماد جي ڊگهي روايتن ۾ ڳنڍيل آهن. هن چيو ته انهن سٺڱي روايتن جي بنياد تي ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ گهڻ رخو تعاون مسلسل وڌي رهيو آهي. تاجڪ صدر وزيراعظم کي تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن جي موثر فروغ ۾ پاڪستان سان بين الرياستي ڳالهيون ۽ تعاون جاري رکڻ ۾ مستقل دلچسپي تي زور ڏنو.