اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ??نگ موجب صدر ووٽ وجهڻ کانپ??ءِ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجو پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ نمائندا چونڊڻ جي لاءِ توهان جي ووٽ جي ذريعي توهان جي راءِ گهري آ??ي، ووٽ وجهڻ توهان جي اسلامي، آئيني ۽ شهري ذميواري آ??ي، آئُون پنهنجي خاندان سان گڏ پنهنجي پولنگ اسٽيشن پهتس، لائين ۾ بيٺاسين ۽ ووٽ ڏنو. توهان سڀني کي به درخواست آهي ته ٻاهر نڪرو ۽ پ??هنجي ووٽ جو حق استعمال ڪريو. اڄ پاڪستان کي توهان جي راءِ جي جيتري ضروري آ??ي ايتري اڳ ۾ ڪڏهن به نه هئي.