اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ال??ڪشن ڪميشن آف پاڪستان خميس ڏينهن 8 فيبروري 2024ع تي چونڊن جي پنهنجي واعدي ۽ عزم تي قائم آهي، وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومتون ان ذميواري کي ادا ڪرڻ ۾ ال??ڪشن ڪميشن جي هر قسم جي انتظامي، مالي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪنديون. ??ها ڳالهه هن سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽ مان منظور ٿيندڙ قرارداد نمبر 562 جي حوالي سان ال??ڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران سينيٽ سيڪريٽريٽ کي لکيل خط به شيئر ڪيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ مان منظور ٿيل قرارداد بابت ال??ڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اجلاس ۾ مشاهدو ڪيو ويو ته ال??ڪشن ڪميشن صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان جي مشاورت سان 8 فيبروري 2024ع تي عام چونڊون منعق?? ڪرڻ جي لاءِ تاريخ مقرر ڪئي. ال??ڪشن ڪميشن امن امان جي بحالي لاءِ نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ 2024ع جون عام چونڊون پرامن انعقاد جي لاءِ ووٽرز کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن. ال??ڪشن ڪميشن 2024ع جي عام چونڊون منعق?? ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. ال??ڪشن ڪميشن 2024ع جي عام چونڊن بابت عدالت ۾ پنهنجي ڪمٽمينٽ به جمع ڪرائي آهي. اي سي پي چيو آهي ته ماضي ۾ به عام چونڊون ۽ بلدياتي چونڊون سرديءَ جي موسم ۾ ٿينديون رهيون آهن، انهن حقيقتن جي روشني ۾ ال??ڪشن ڪميشن جي لاءِ ان مرحلي تي 2024ع جي عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ مناسب نه هوندو.