اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي باب??ءِ قوم جي 147 هين پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان جو تصور هڪ اهڙو پاڪستان آهي جيڪو اميد، عزم ۽ انصاف جي روشني طور بيٺل هجي، هڪ اهڙي قوم جيڪا هڪ جمهوري، انصاف پسند ۽ آزاد معاشري جي واعدي تي قائم هجي. اچو هن ڏينهن وچن ڪريون ته اسان اسلامي نظرين، اخلاقي قدرن، اتحاد ۽ ڀ??ئيچاري جي فروغ جي ل??ءِ ڪم ڪنداسين. موجوده حالتن جي گهرج آهي ته باب??ءِ قوم جي ويزن ۽ ان جي رهنما اصولن تي عمل پير?? ٿي اتحاد ۽ جمهوري قدرن جي فروغ سان گڏوگڏ ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهج??. پ??هنجي پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح قوم جو اهو عظيم محسن هو جنهن جي اڻٿڪ محنت سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ل??ءِ هڪ جدا وطن قائم ٿيو. آل انڊيا مسلم ليگ جي اڳواڻ طور هن برطانوي هندستان ۾ مسلمانن جي حقن ۽ مفادن جي وڪالت ڪئي. قائداعظم مسلمانن جي ل??ءِ هڪ جدا وطن جي نظريي تي پڪو يقين رکندو هو، جتي اهي آزاداڻي طور تي پنهنجي مذهب تي عمل ڪري سگهن ۽ انهن کي سياسي نمائندگي حاصل هج??. پ??هنجي عظيم تقريرن ۽ اڻٿڪ محنت جي ذريعي جناح هڪ جدا قوم جي مطالبي جي حمايت کي ڪاميابي سان متحرڪ ڪي??. هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي قائداعظم جي نظرين ۽ ويزن کي اختيار ڪرڻ ۽ پاڪستان کي هڪ خوشحال ۽ مضبوط ملڪ بڻائڻ جي ل??ءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جي ياد ڏياري ٿو. اڄ اسان باب??ءِ قوم جي لچڪ، دانشمندي، بصيرت ۽ دورانديشي کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جنهن هڪ اهڙي قوم جو بنياد رکيو جنهن کي ايمان جي قوت متحد ڪري ٿي. مون کي اهو چوندي فخر محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستاني عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيندي وڏي حوصلي جو مظاهرو ڪي?? آهي. اها ڳالهه وڌيڪ اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان چئلينجز جي باوجود مختلف شعبن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪي??ن آهن. هن چيو ته اڄ جڏهن اسان سندس ياد ملهائي رهيا آهيون ته اهو ضروري آهي ته اسان هيستائين جيڪو شاندار سفر ڪي?? آهي ان تي غور ڪي?? وڃي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڏهاڪا گذري چڪا آهن هر هڪ باب آزمائش، فتح ۽ اسان جي ماڻهن جي اڻٿڪ جذبي جو عڪاس آهي. باب??ءِ قوم جي ويزن، سندس قيادت ۽ مدبراڻي انداز هڪ جمهوري ۽ جامع پاڪستان جو بنياد رکيو جتي سمورن مذهبن ۽ پس منظر جا ماڻهو گڏ رهي سگهندا هئا.