ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چ??و آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چ??ئرمين کي غيرقانوني طور تي رهندڙ م??ڻهن جي ترجماني ڪرڻ بدران پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪرڻ گهرجي ها، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چ??ئرمين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بي بنياد الزام هنيا، سڀ ڄاڻين ٿا ته اتڪل 5 لک غيرقانوني رهندڙ م??ڻهو رضاڪاراڻي طور تي پاڪستان مان پنهنجي وطن واپس ويا آهن، انهن کي جبري ناهي موڪليو ويو انهن جي وطن واپسي ۾ انساني قدرن جو خيال رکيو ويو آهي. ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ائين لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چ??ئرمين جي ٽوئيٽ سان افغانستان جي حڪومت ۽ ٽي ٽي پي جي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ ۽ ايندڙ چونڊن ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ان جي پارٽي کي ٻين پارٽين جي مقابلي ۾ وڌي?? فائدو حا??ل ٿي سگهي، جيڪڏهن ائين آهي ته اها انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي. هن چيو ته غيرقانوني رهندڙ م??ڻهن جي پنهنجي وطن واپسي ۾ انساني قدرن جو خيال رکيو ويو آهي، پاڪستان مهمان نواز ملڪ آهي، مستقبل ۾ به ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته ڪنهن سان ڪا زيادتي نه ٿئي.