دبئي ?? 01 ??? ڊسمبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏي?? قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي لاءِ قائم ڪيل پاڪستان پويلين جو دورو ڪيو. نگران وز??راعظم کي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي لاءِ ڳالهين ۽ سهولتڪاري جي حوالي سان پاڪستان پاران ٿيندڙ ڪوششن بابت ٻڌايو ويو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم کي ”ليونگ انڊس انيشي ايٽو?? بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي جيڪو سنڌو درياءَ جي قدرتي وهڪري ۽ ماحولياتي لاهن چاڙهن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت جي بحالي جي لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي. نگران وز??راعظم پويلين ۾ پاڪستاني موسمياتي ماهرن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ موسمياتي تبديلي جي خطري کي گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان انهن جي ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي معاملن ۽ موسمياتي تبديلي وارا نگران وفاقي وز??ر ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير پڻ نگران وز??راعظم سان گڏ هئا.