اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسلم ڪمرشل بئنڪ پاران بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل رد ڪندي متاثر شخص کي 30 لک رپيا واپس ۽ ذميوار بئنڪ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب محمد منير احمد وغيره (شڪايت ڪندڙ) جو بئنڪ جي گوجره روڊ برانچ ۾ گڏيل اڪائونٽ هو، مارچ 2021ع ۾ اڪائونٽ بيلنس ۾ تمام وڏي گهٽتائي نظر آئي، 39 لک کان وڌيڪ ماليت جون 292 ڊپازٽ سلپس اڪائونٽ ۾ جمع ئي نه ڪيون ويون، شڪايت ڪندڙ وٽ بئنڪ عملدارن جون صحيح ٿيل ۽ ٺپو لڳل ڊپازٽ سلپس موجود هيون، صارف شڪايت جي ازالي جي ل??ءِ بئنڪ سان رابطو ڪيو پر بئنڪ دعويٰ رد ڪري ڇڏي. صارف شڪايت جي ازالي ل??ءِ بئنڪنگ محتسب سان رابطو ڪيو. بئنڪنگ محتسب جو صارف جي حق ۾ فيصلو اچڻ تي بئن?? صدر کي درخواست ڪئي. صدر ايوان صدر ۾ ڪيس جي ذا??ي ٻڌڻي ڪئي ۽ بئنڪ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. صدر مسلم ڪمرشل بئنڪ فراڊ ۾ ملوث گوجره روڊ جهنگ برانچ جي بدعنوان اهلڪارن جي خلاف انڪوائري ڪري ملوث عملي جي خلاف ايف آءِ آر سميت فوجداري ڪارروائي شروع ڪرڻ ۽ متاثر ڌر کي 30 لک رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته رڳو هڪ چ??نه?? واري تي فراڊ جي ذميواري وجهڻ کل جوڳي آهي، بئنڪ عملي جي ملي ڀڳت کانسواءِ بئنڪنگ ضابطي جي خلاف ورز?? ممڪن نه آهي.